اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي ??جسٽريشن جي لاءِ وسيع تر مشاورت کانپوءِ نظام جوڙيو ويو?? تعليم واري وزارت تحت مدرسن جي ??جسٽريشن جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن، مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽرز ۽ انجينئرز بڻجي ??هيا اهن، مدرسا بل جي ??والي سان حڪومت عالم سڳورن جي ??جويزن تي مشاورت ڪندي، مولانا فضل الرحمان قابل احترام آهي، سندس تجويزون به ٻڌنداسين، ان مسئلي جو اهڙو حل چاهيون ٿا جيڪو سڀ??ي کي قابل قبول هجي. مقامي هوٽل ۾ مدرسن جي ??جسٽريشن ۽ سڌارن جي ??والي سان عالم سڳورن جي ??جلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي ??جسٽريشن جي لاءِ وسيع تر مشاورت کانپوءِ نظام جوڙيو ويو جنهن تحت 18 هزار مدرسن رجسٽريشن ڪرائي ورتي. تعليم واري وزارت جي ??نتظام هيٺ مدرسن جي ??جسٽريشن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، خوشي ٿئي ٿي ته مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز بڻجي ??هيا آهن. هن چيو ته تعليم واري وزارت ئي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ريگيوليٽ ڪري ٿي، ملڪ جون سموريون يونيورسٽيون به ان تحت آهن، مدرسن جي ??جسٽريشن تعليم واري وزارت جي ??نتظام هيٺ ڪرڻ سان مدرسن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن جي ??قن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو، ان نظام جو مقصد هو ته مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جو نقصان نه ٿئي، انهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ٿئي ۽ اهي معاشري ۾ ذميوار ۽ پڙهيل لکيل شهري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. مدرسن جي ??اگردن کي اهي سمورا موقعا ميسر هجن جيڪي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ميسر آهن، انهي لاءِ چيو ويو ته مدرسن جا شاگرد ۽ يونيورسٽين جا ٻيا شاگرد هڪ ئي ڇت هيٺ هجن ته جيئن انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته ان نظام جي ??والي سان تمام گهڻي تيزي ٿي، ڊائريڪٽوريٽ جنرل مذهبي تعليم ۾ 18 هزار مدرسن جي ??جسٽريشن ٿي چڪي آهي جنهن تي ڊائريڪٽر جنرل مذهبي تعليم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مدرسن جي ??جسٽريشن جي ??مل ۾ عالم سڳورن جون ڪوششون به شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته مدرسا بل ڪجهه قانوني پيچيدگين جي ڪري قانون جي ??ڪل اختيار نه ڪري سگهيو، اڄ هتي به ان حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، عالم سڳورن جون تجويزون نوٽ ڪري ورتيون آهن، انهن تي مثبت فيڊ بيڪ ڏينداسين. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي لاءِ قابل احترام آهي، سندس تجويزون به ٻڌنداسين، ان مسئلي جو اهڙو حل چاهيون ٿا جيڪو سڀ??ي کي قابل قبول هجي ۽ ڪنهن کي اعتراض نه هجي، ان حوالي سان اسان نيڪ نيتي سان ڪردار ادا ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي ??والي سان معاملن جي لاءِ پڻ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، دهشتگردي جو مقابلو ۽ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ تمام ضروري آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي نوابزاده نصرالله خان جي نظم جا ڪجهه شعر پڻ پيش ڪيا.