اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ نهايت اهميت جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل اڪ??ئو??ٽنگ اسٽينڊرڊز بورڊ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي آءِ اي ايس بي جو چيئرمين ڊاڪٽر ايڊرياس ڪري رهيو هو. وفد ۾ آءِ اي ايس بي جي ميمبر جيانچ??ئو??و، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪ??ئو??ٽنٽس آف پاڪستا?? جي صدر فاروق رحمان ۽ ايشيا- اوشيانا اڪ??ئو??ٽنگ اسٽينڊرڊز گروپ جو چيئرمين راڻا عثمان خان شامل هئا. سڌارن ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪميشن (پي آر ايم سي) جو چيئرمين اشفاق ٽوله ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ناڻي واري وزير وفد کي ڊاڪيومينٽيشن ۽ مالي شفافيت ذريعي ٽيڪس آمدني ۾ واڌ لاءِ حڪومت جي جامع پاليسي فريم ورڪ بابت ٻُڌايو. ??ن مالياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته اهو ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ نهايت اهم آهي. هن جٽادار اقتصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي غرض سان پاليسي?? جي تسلسل کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. ڊاڪٽر اينڊرياس عالمي اڪ??ئو??ٽنگ جي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۾ پاڪستا?? جي قيادت کي ساراهيو ۽ عالمي اصول?? جي شروعاتي پيروي ڪندڙ ملڪ طور پاڪستا?? جي تعريف ڪئي. هن انهن ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ آءِ ڪيپ جي معاونت کي ساراهيندي مالي شفافيت ۽ صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پيشوراڻي تنظيم?? جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته شفافيت، معيار ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ پاڪستا?? جي اقتصادي نظام تي اعتماد قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. شرڪت ڪندڙ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل فنانشل رپورٽنگ اسٽينڊرڊز جي لاڳو هئڻ بابت چئلينجزن ۽ موقعن تي خيال?? جي مٽاسٽا ڪئي. فاروق رحمان ۽ راڻا عثمان خان ان باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته آءِ ڪيپ ۽ ايشيا- اوشيانا اڪ??ئو??ٽنگ اسٽينڊرڊز گروپ ڪهڙيءَ طرح مالياتي رپورٽنگ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڌُرين پاڪستا?? جي مالياتي ڊاڪيومينٽيشن ۽ رپورٽنگ جي نظام کي عالمي معيارن موجب وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.