اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصوم شهرين بشمول عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عن??رن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين، معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت مارجي ويل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ??يندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي آورن جي نشاندهي ڪري ان??ن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي امن جي دشمنن معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ دشمن عن??رن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته واقعي ۾ ملوث شرپسند عن??رن جي نشاندهي ڪري ان??ن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شرپسند عن??ر جيڪي معصوم شهرين جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.