اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پروگرام (ريميٽ) تي مجموعي اڳڀرائ??ءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي ??ڪمت عمل?? اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ??يميٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽ??ءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪميٽ??ءَ جي اجلاس جو مقصد ڪميٽ??ءَ جي گذريل اجلاس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪار??ءَ جي ماحول، واپار ۽ ڪلي معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ??ملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، مختلف حڪومتي وزارتن جي اعليٰ اختيارين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪار??ءَ جي ماحول، ملڪي معيشت جي گورننس، واپار ۽ موسمياتي ??بديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان اڳڀرائ??ءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيدار ۽ جامع ترق??ءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام تي مجموعي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته هو پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي ??ڪمت عمل?? اختيار ڪن.