اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو ج?? خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پوليو ج?? خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 24 آڪٽوبر تي پوليو ج?? خاتمي جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن سڄي دنيا جي لکين ??ارن کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستان پوليو ج?? خاتمي جي مشن ۾ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ ثابت قدم آهي ۽ هڪ اهڙي مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جتي ڪو به ٻار ان بيماري کان متاثر نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي هيلٿ ورڪرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙن عالمي حصيدار?? جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان پوليو جي ڪيسز کي گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن، پوليو ويڪسين بابت غلط معلومات ۽ ڏورانهن علائقن تائين ??هچ جهڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن سمورين رڪاوٽ?? جي باوجود اسا?? جي هيلٿ ورڪرز هر ٻار کي پوليو ويڪسين ??يارڻ جي لاءِ بهادري سان ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته اسان نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلا?? جي ذريعي صحت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ويڪسي?? جي ڪوريج کي وڌائي رهيا آهيون ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پوليو ج?? خاتمي جي لاءِ علائقائي تعاون انتهائ?? اهميت رکندڙ آهي، سرحد پار کان پوليو جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسا?? جي اها ويڙهه پوليو ج?? خاتمي سان گڏوگڏ عوامي صحت جو هڪ مضبوط نظام بڻائڻ ۽ ايندڙ نسل?? جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ۽ ڪوشش بابت آهي. وزيراعظم سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦرا پيارين ۽ ڪميونٽي ليڊرز پڻ پوليو ج?? خاتمي جي پيغام کي عام ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پنهنجي شهرين ۽ عالمي حصيدار?? جي تعاون سان اسان ان مقصد کي حاصل ڪنداسين.