اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عالمي آرٽ نمائشون قومن جي ??چ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي ??ينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ثقافتي مٽاسٽا ۽ سوچ کي جنم ڏيندڙ فن پارن ۾ سريلنڪا جي ??تصورن معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد جي ڪردار کي ساراهيو. هن معين ساهيد کي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ مضبوط دوستي جي ??ادگار جي طور تي پاڪستان جي ڪنهن اهم تاريخي جڳهه تي هڪ پينٽنگ تيار ڪرڻ جي ??عو?? پڻ ڏني. واضح رهي ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) تازو ئي عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي شاندار پينٽنگز نمائش جي ??ڄاڻي واري مرحلي جي ??يزباني ڪئي. نمائش کي پاڪستاني عوام، آرٽ جي شوقينن وسيع پئماني تي ساراهيو. معين ساهيد سريلنڪا جي ??ديم غارن ۽ جبلن تي لکيل ڪتبي جي ??وضوع تي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. پنهنجي تخليقن ۾ مشهور اپسرا پينٽنگز جي عنصرن کي شامل ڪري هن ڏ??ندڙن جي دلين کي گهرائين تائين ڇُهيو. معين ساهيد لاهور ميوزيم جي ??ستقل ڪولڪيشنز جي ??اءِ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جنرل کي پنهنجي ??ڪ پينٽنگ پڻ پيش ڪئي. بلال راجي ساهيد جيڪو لنڊن جي رائل ڪاليج آف آرٽ مان گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي سريلنڪن ثقافتي سوچ ۽ مشاهدن کي منعڪس ڪندڙ فن پارن جي سيريز پيش ڪئي. پنهنجي ??مائشن کانسواءِ معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد ن??شنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنجاب يونيورسٽي جي ??نون لطيفه جي شعبي سميت ذڪر جوڳي ادارن ۾ ڪيترن ئي دلچسپ مباحثن جو پڻ اهتمام ڪيو. پي اين سي اي ۾ اها نمائش 20 آڪٽوبر 2024ع تائين جاري رهندي. ان دوران فنڪارن جي ڳالهه ٻولهه، سيشن ۽ ورڪشاپس پڻ منعقد ٿيندا.