اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) هچيسن پورٽس ڪمپنيءَ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تحت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل تي پنهنجي آپريشنز کي هٿي ڏيڻ جي موقعن کي تلاش ڪرڻ ??اء?? سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ميري ٽائيم افيئرز سيد ظفر علي شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري عمر ظفر شيخ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڳالهين دوران وفاقي وز??ر، هچيسن ج?? وفد جي آجيان ڪئي ۽ سندن ڪاروباري قدمن ??اء?? وزارت جي غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. هن اثرائتي ٽرمينل آپريشنز جي اهميت تي زور ڀريني ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ترقيءَ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو يقين ڏياريو. وفاقي وز??ر چيو ته وزارت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ ??اء?? هچيسن پورٽس سان مڪمل تعاون ڪندي. سندس چوڻ هو ته بندرگاهه ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ کي يقيني بنائڻ ??اء?? هچيسن ج?? ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ اسان ج?? مدد جاري رکنداسين. ملاقات ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ هچيسن پورٽس جي انتظاميه وچ ۾ جاري ڪوششن تي روشني وڌي، جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي فائدو پهچائڻ ??اري اسٽريٽجڪ بهتري تي ڌيان ڏنو ويو. ان دوران وفاقي وز??ر عالمي ميري ٽائيم آپريشنز ??اء?? سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ ??اء?? حڪومت جي فعال نقطه نظر تي زور ڀريو. هچيسن پورٽس جي نمائندن ترقيءَ ??اء?? هڪ ويزن ۽ ٽرمينل تي پنهنجي خدمتن ج?? آڇ کي وڌيڪ وڌائڻ جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين پنهنجي تعاون ج?? مستقبل ۽ علائقائي معيشت تي ان ج?? مثبت اثرن ج?? باري ۾ اميد جو اظهار ڪيو.