اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڀرپ??ر آواز اٿاريو، ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا معدنيات، خوراڪ، زراعت، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. پي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ ترقي جي حوالي سان بي پناهه موقعا آهن، 70ع جي ڏهاڪي ۾ ??اڪ??ت??ن جي تعليم، تحقيق ۽ سائنس جي شعبي ۾ صلاحيتون غيرمعمولي هيون، اسان ??اڪ??تان کي معاشي صلاحيت ۽ تعليمي شعبي ۾ رول ماڊل جي طور تي ڏسندا آيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال جو تمام گهڻو مداح آهيان، قائداعظم محمد علي جناح مدبر اڳواڻ هو، ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ معدنيات، خوراڪ، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا، بدعنواني کان پاڪ ۽ سازگار ماحول سان ڪاروبار کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ته ملائيشيا آءِ ٽي، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۾ خطي ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي حق ۾ ڀرپ??ر آواز اٿاريو، سندس ٺوس موقف کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت جتي به انساني حقن جي پائمالي ٿئي ٿي ??ن جي مذمت ڪريون ٿا، دنيا کي اقليتن کي انهن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته آسيان دنيا جو پرامن خطو آهي، آسي??ن جو ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي لاءِ ملائيشيا ??اڪ??ت??ن جي حمايت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪم جو جذبو رکي ٿو، اسان گڏجي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد ۾ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي سگهون ٿا، ملائيشيا ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي رهيا آهن، ??اڪ??تاني پروفيشنلز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.