اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزير هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ مقابلي جي فضا ۽ ڪاميابي جي مقصد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پرائيويٽائز??شن ڪم??شن جو عمل صاف ۽ شفاف ٿي سگهي. نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي 225هين اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته نجڪاري ٿيندڙ قومي ادارن ۾ مارڪيٽنگ ۽ سيلز جي ”پچ“ کي برقرار رکيو وڃ?? ڇاڪاڻ ته ادارن جي نجڪاري ما?? ملندڙ پئسن سان انهن جي ڪاميابي کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون ته نجڪاري لاءِ اخبارن ۾ ڏنل اشتهارن کي لاڳاپيل فائل جو حصو بڻايو وڃي ۽ نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ سمورن قانوني ضابطن تي سؤ سيڪڙو عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ، يوٽيليٽي اسٽورن سميت مختلف ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان معاملن تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري تي به تفصي??ي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسوءِ اجلاس ۾ نجڪاري جي ڪجهه فني معاملن جي تفصيلي جائزي کانپوءِ اهم فيصلا ب?? ڪيا ويا. وفاقي وزير نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي سمورن ميمبرن کي وڌ کان وڌ متحرڪ ۽ بورڊ جي ڪارروائي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن سان ان عمل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي اجلاس کي وفاقي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پرائيويٽائز??شن جي معاملن کي مڪمل قانوني تحفظ حاصل آهي ۽ ان لاءِ سمورا معاملا ضابطن مطابق پڄاڻيءَ تي پهچي رهيا آهن. نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي ميمبرن گذريل اجلاس جي ڪارروائي سميت مختلف فيصلن جي منظوري به ڏني.