اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنه?? ملڪن جي بزنس ڪميونٽي کي گڏيل منصوبن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون مان ڀرپور فائدو کڻڻو آهي جڏهن ته ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ??لا??يشيا – پاڪستان اعليٰ سطحي بزنس ڊا??يل??گ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ملاقات دوران اسان ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه کي مثبت قرار ڏنو ۽ ان تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ??لا??يشيا جي وزيراعظم کي پاڪستاني واپارين ۽ ??لا??يشيا جي واپارين کي گڏيل منصوبن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته ٻئ?? ملڪ حلال گوشت، آءِ ٽي، اي وي، سيمي ڪنڊڪٽر سميت ٻين گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، هاڻي اهو اسان تي آهي ته ان موقعي مان ڪهڙي طرح فائدو کڻون ٿا. هن چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان اعليٰ معيار جي مصنوعات جي مٽاسٽا ڪري سگهون ٿا، ??لا??يشيا کي اعليٰ قسم جو حلال گوشت جلد برآمد ڪنداسين، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ هنرمند ماڻهن جي لاءِ وسيع موقعا دستياب آهن. هن چيو ته ??لا??يشيا جي وزيراعظم جي دعوت ت?? ملائيشيا جو دورو ڪندس جنهن سان ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون کلنديون ۽ ٻطرفي معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آندي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??لا??يشيا دنيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ رول ماڊل آهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪند?? ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته هي بزنس ڊا??يل??گ منعقد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بزنس ليڊرز جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وفدن جي وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل تعاون جي فروغ ۽ مختلف موقعن ۽ منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ نسٽ ۾ بهترين ريسرچ ڪئي وڃي ٿي، اسان پاڪستان جي سائنس ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، هو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، برآمدات جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهن، اسان گوشت، چانور پاڪستان مان درآمد ڪري سگهون ٿا، آسيان فورم تحت معاشي رابطن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ بزنس ڪميونٽي ۾ رابطا اهميت رکندڙ آهن.