نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ني??يارڪ جو پنجن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن و??پس روانو ٿي ويو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب سميت مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، ني??يارڪ ۾ قونصل جنرل عامر اتوزئي ۽ گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون و??يراعظم کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي 21 منٽن و??ري خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي ايجنڊا جي سمورن معاملن جو جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جو ڀرپور مطالبو پڻ ڪيو. وزيراعظم سيشن جي موقعي تي سربراهي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اوچائي سبب پيدا ٿيل موجوده خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ ليڊرشپ فار پيس تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کليو بحث به شامل هو. عالمي اڳواڻن سان گڏ سندس ٻه طرفين ملاقاتن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ يو اين جي اي ??ي صدر فليمون يانگ، برطانيه، ايران، بنگلاديش، ني??ال ۽ مالديپ جي وفدن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهن سان به ملاقاتون شامل هيون. هن آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.