اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته مثبت سوچ سان اس??ن کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، مخالف ڌر به ان عمل ۾ اس??ن جو ساٿ ڏي، عددي انگ پورو ٿي ويو ته ترميمون آڻينداسين. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ??ينيٽر شبلي فراز جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ اس??اق ڊار چيو ته خصوصي ڪميٽي پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي، ڪميٽي ۾ سينيٽ جي ميمبرن کي به شامل ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ آئيني عدالت جو نظام نئون ناهي، ملڪ ۾ آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي، جيڪڏهن عددي انگ پورو ٿي ويو ته ترميم آڻينداسين. مثبت سوچ سان اس??ن کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ??ن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اس??اق ڊار چيو ته اس??ن کي اصولن جي سياست کي نه ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 22 ترميمون ٿيون هيون، جيڪي شيون ارڙهين ترميم ۾ ان وقت نه ٿي سگهيون هيون، ان کي اس??ن هاڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته آئيني عدالت جو تصور نئون ناهي۽ ان جي بي پناهه پذيرائي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح انهن جو فيصلو آيو ته توهان جيڪڏهن پارٽي لائن جي خلاف ووٽ ڏيندا ته اوهان جو ووٽ ڳڻيو نه ويندو ۽ اوهان ايوان جي ميمبرشپ تان به فارغ ٿي ويندا، ته اهو ڪهڙو قانون آهي، ان جي غلط تشريح ڪئي وئي، نه ووٽ ڳڻيا ويا ۽ ممبرشپ ختم ڪئي وئي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ان معاملي تي هڪ اپيل لڳل آهي، جيڪو پارٽي لائين ڪراس ڪري ان تي ريفرنس موڪلينداسين ته ان کي نااهل ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ چيو ته 63 اي ۾ تشريح ڪريون ٿا ته جيڪو ووٽ وجهندو، اهو به ڳڻيو نه ويندو ۽ ان کي نااهل به ڪيو ويندو، ووٽ ڳڻيو ناهي وڃڻو ته سزا ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ان حوالي سان ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سزا تڏ??ن ملندي جڏهن ڪو ڏوهه هجي، فلور ڪراسنگ تي ووٽ جيڪڏهن ڳڻيو نٿو وڃي ته سزا ڪنهن جي لاءِ آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ڪير به جيڪڏهن غلط ڪم ڪري رهيو هجي ته ان کي غلط چوڻ گهرجي. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته عوامي مفاد ۾ قانونسازي پارليامينٽ جو حق آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيار صوبن ڏان??ن منتقل ٿيڻ گهرجن، اقتص??دي ۽ پرڏيهي پاليسي به عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکي ٺاهڻ گهرجي. مهانگائي، بجلي جي ڳرن بلن ۽ ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ان کان اڳ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ??ينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جن??ن مقصد لاءِ اجلاس گهرايو ويو آهي اهو هر زبان تي آهي، قانونسازي جو هن ايوان جو اس??حقاق آهي، هن ايوان جا ميمبر جڏهن پنهنجي ذميواري پوري ڪن ٿا ته ان تي فخر ٿئي ٿو پر قانونسازي عوامي مفاد ۾ هجڻ گهرجي.