اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ طور ترجيح ڏئي رهي آهي، اسان جي ڪوششن ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان دنيا جي سامونڊي نقشي ت?? پاڪستان جي اهميت وڌيڪ وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سيڪريٽري جنرل ويلاسڪو جي آجيان ڪئي ۽ آءِ ايم او سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي سگهه ڏيڻ، سامونڊي وسيلن جي ڳولا، سامونڊي سياحت کي ف??وغ ڏيڻ ۽ شپ بريڪنگ انڊسٽري کي ف??وغ ڏيڻ ج?? پاڪستان جي خواهش کي اجاگر ڪيو. وز??راعظ?? چيو ته سندس حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ جي طور تي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي روشني وڌي. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته انهن ڪوشسن جي ذريعي ۽ آءِ ايم او ۽ عالمي حصيدارين جي تعاون سان دنيا جي سامونڊي نقشي ت?? پاڪستان جي اهميت وڌيڪ وڌندي. وز??راعظم شهباز شريف سامونڊي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ عالمي حصيدارن ۽ آءِ ايم او سان گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? پاڪستان جي پختي عزم جي تجديد ڪئي. آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل وز??راعظم جي قيادت ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجي سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ عالمي ميري ٽائيم ڪميونٽي ۾ ان جي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي ف??ال ڪردار کي ساراهيو. هن عالمي سامونڊي برادري ۾ پاڪستان جي ف??ال شرڪت جو اعتراف ڪيو ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آءِ ايم او پاران حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.