لاهور-29 آگسٽ(اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪر??م ڪنڊي سان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ بئريسٽر چوڌري اعتزاز احسن ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته صوبي ۾ سياسي قي??دت کي صوبائي حقن لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون. هن چيو ته اعتزاز احسن جهڙي جمهوريت ۽ اصول پسند قي??دت اسان جي ملڪ جو اثاثو آهي. پارٽي جي سينئر قي??دت سان مشورا ۽ ان جي رهنمائي ضروري آهي. مضبوط ۽ جمهوري لحاظ سان مستحڪم وفاق شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، اعتزاز احسن خيبرپختونخوا جي گورنر جي آئيني عهدي تي فيصل ڪر??م ڪنڊي جي مقرري تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته وفاق سان خيبرپختونخوا جي حقن جي حاصلات لاءِ گورنر جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.