ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي م??سيٰ خيل ۾ ??ٿي??ربندن 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي م??جب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس پي م??سيٰ خيل ايوب اچڪزئي م??ڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي م??امي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته ??ٿي??ربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي ??ٿي??ربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس ج?? چوڻ آهي ته ??ٿي??ربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاه?? سڃاڻپ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.