اسلام آباد -10 آگسٽ (اي ??ي پي) صدر مملڪت آصف علي زر??اري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ مان ??ار?? بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زر??اري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ ن??اي??ن خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ايوارڊ عطا ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ايوان ص??ر ارشد نديم کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زر??اري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان ص??ر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارشد نديم کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.