اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شه??دت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ب??ا ڪنهن شڪ جي شهيدن جي ڏنل قربانين عيوض اڄ اسان ??تي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان ??طابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شه??دت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري سان ??ڙهندي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلى ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر سان ??وازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شه??دت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پنهنجي ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏين ٿيون. اسپيڪر الله تعالى کان ??يجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.