اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ادارن کي جاري حڪمن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ مئن??جم??نٽ سسٽم جو روز??ني جي بنياد تي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگر??ني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي وزارتن ۽ ادارن کي جاري ڪيل هدايتن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جوڙيل ٽاسڪ مئن??جم??نٽ سسٽم بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم روز??ني جي بنياد تي ٽاسڪ مئن??جم??نٽ سسٽم جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگر??ني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي سيڪريٽري?? ۽ ??دارن جي سربراهن کي ٽاسڪ مئن??جم??نٽ سسٽم کي پاڻ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽاسڪ مئن??جم??نٽ سسٽم جي موبائيل ايپلي ڪيشن ٺاهي وئي آهي، ٽاسڪ مئن??جم??نٽ سسٽم عالمي معيار جو هڪ منفرد ۽ جديد سافٽ ويئر آهي جنهن جي ذريعي وفاقي وزارتن کي وزيراعظم پاران جاري ڪيل هدايتن جي نگر??ني ۽ انهن هدايتن موجب اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.