اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي ح??الي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي من??ور?? ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ سيڙپڪاري ب??رڊ جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران شينزن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي ح??الي سان اڳڀرائي تي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانون جي مسودي تي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ نظرثاني جي هدايت ڪندي چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فٽ ويئر ۽ ٻين صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي ح??الي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اجلاس کي سيڙپڪاري ب??رڊ واري سيڪريٽري پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي ح??الي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد بزنس فيسلي ٽيشن مرڪز قائم ڪرڻ جي ح??الي سان چيني ??اه??ن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، آسان ڪاروبار ايڪٽ جو مسودو جلد ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪليو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.