اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بين المذاهب هم اهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻڌمت جي اڳواڻن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ هڪ سمپوزيم ۽ ”گنڌارا کان دنيا تائين“ جي عنوان سان هڪ نمائش ۾ شرڪت جي ??اء?? پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ۾ سريلنڪا جو ٻڌا ساسنا، مذهبي ۽ ثقافتي معاملن وارو وزير ودورا وڪرما نائيڪا، ويٽنام مان ٿيچ ڊڪ ٽوان، ٿائيلينڊ مان انيل سا??يا ۽ نيپال مان ڊاڪٽر ڪيشبمن شا??يا شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي. هن سمپوزيم ۾ انهن جي شرڪت تي ٿورا مڃيا جيڪو ويساک ڊي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جيڪو مهاتما ٻڌ جي پيدائش، روشن خيالي ۽ لاڏاڻي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ٻڌمت جي قديم ورثي تي فخر آهي جيڪو ٻه هز??ر سال اڳ گنڌارا آرٽ ۽ ثقافت جي شڪل ۾ اتر اوڀر پاڪستان ۾ پروان چڙهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت بين المذاهب هم آهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن بين المذاهب هم آهنگي ۽ افهام تفهيم جي فروغ جي ??اء?? ٻڌمت جي عالمن ۽ راهبن جي اڻٿڪ خدمتن جو پڻ اعتراف ڪيو. ٻڌ اڳواڻن سمورن مذهبن جي ??اء?? شموليت ۽ احترام جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? وزيراعظم جي عزم کي ساراهيو. هن ٻڌمت جي ورثي جي جاين ۽ ثقافتي شين جي تحفظ ۽ فروغ جي ??اء?? پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ٻڌمت جي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي ??اء?? پاڪستان سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم ۽ وفد بين المذاهب مڪالمي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ٻڌ اڪثريتي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي مٽاسٽا جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون جون راهون ڳولڻ ۽ وڌيڪ هم آهنگي ۽ عالمي امن جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ??اء?? هڪ گڏيل فورم قائم ڪرڻ جي امڪان تي خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.