اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سهڪار، ترقي ۽ ترقي لاءِ ??وانائي جي حوالي سان عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي ٻن ڏينهن واري خاص اج??اس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن ڇنڇر تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو. وزيراعظم کي عالمي اقتصادي فورم جي اج??اس ۾ شرڪت جي دعوت سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود ۽ عالمي اقتصادي فورم جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلائوس شواب طرفان ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان گذريل ڏينهن جاري هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته وزيراعظم سان وفد ۾ ڪابينه جا اهم ميمبر پڻ شا??ل هوندا. ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان گڏ ملاقاتن دوران وزيراعظم صحت، مالياتي ٽيڪنالوجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، جامع ترقي، علائقائي سهڪار ۽ عالمي ترقي لاءِ ??وانائي جي متوازن ۽ جٽادار استعمال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف دنيا آڏو رکندو. عالمي اقتصادي فورم جي ان خاص اج??اس جي موقعي تي سندس عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفين ملاقاتن جا به امڪان آهن. عالمي اقتصادي فومر طرفان جاري هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته ڪاروباري شعبي، حڪومت ۽ تعليمي ادرن سان واڳيل اٽڪل هڪ هزار اڳواڻ عالمي سهڪار، اوسر ۽ ترقي بابت توانائي تي خاص اج??اس ۾ شرڪت ڪندا. 28 کان 29 اپريل تائين منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اج??اس ۾ تيزي سان بگڙجندڙ جاگرافيائي، سياسي ۽ اقتصادي ماحول کي درپيش چئلينجن جي وچ ۾ عالمي سطح تي ترقي جي بحالي لاءِ نون رستن تي ڌيان ڏنو ويندو. واضح رهي ته گذريل سال جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيل افتتاحي گروٿ سمٽ جي بنياد تي هي اج??اس 28-29 اپريل تي رياض، سعودي عرب ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽن موصعن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. جن ۾ عالمي سهڪار جي بحالي، جامع ترقي لاءِ هڪ جامع ۽ ترقي لاءِ ??وانائي تي عمل کي متحرڪ ڪرڻ شا??ل هوندو. فورم کان اتر ۽ ڏکڻ جي ورهاست کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪو اڀرندڙ اقتصادي پاليسين، توانائي جي منتقلي ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن سبب وڌيڪ وسعت اختيار ڪري چڪو اهي. اج??اس جي پروگرام ۾ ڪيترائي عالمي مسئلا به شا??ل هوندا. ٻن ڏينهن واري خاص اج??اس جي موضوعن ۾ جاگرافيائي سياسي هلچل، خاص طور تي يوڪرين ۽ غزه جا تڪرار شامل آهن. عالمي سطح تي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ??قتصادي ترقي ۽ ملازمتن جي تخليق جي نون قسمن جي وضاحت ۽ ڊيزائن، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ترقي، سپلاءِ چينز جي نئين سر تنظيم ?? هڪ منصفاڻو ۽ جٽادار توانائي جي منتقلي کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.