اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن ڪر??چي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو هي ڪر??چي جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مزار قائد تي ??اض??ي ڀريندو. وزيراعظم ڪر??چي ۾ ڪاروباري برادري جي ناليوارين شخصيتن ۽ ڪر??چي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات پڻ ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم ڪاروباري برادري کان ملڪي معيشت جي ب??تر?? جي حوالي سان تجويزون وٺندو. دوري ۾ وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقاتون پڻ شامل آهن، جن ۾ وزيراعظم سنڌ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.