اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ??عا??ن کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊ??ڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملاقات ۾ چيو ته عا?? چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ ??عا??ن، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.