اسلام آباد– 09 – اپريل (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال ناصر خان کي ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الحمدالله! اڄ سينيٽ ۾ به جمهوري عمل مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پاڪستاني عوام ??ي اعتماد جو ??ڪاس آهي. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر خان تجربيڪار سياستدان آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق ??ي اڪائين جي مضبوط ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو ??هم ڪردار آهي. هن ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر خان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ??عميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.