اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائي?? وٺي وينداسين، سرڪاري ملڪيت جا ادارا خاص طور تي خساري جو شڪار ادارن جي سڌارن ۽ ??جڪ??ري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ٻاهرئين قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اوڳاڙين، مالي خساري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اوڳاڙين، سبسڊيز، بجلي جي شعبي جي سڌارن سان گڏوگڏ وزيراعظم جي حڪومتي خرچن گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هدايتن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته عامماڻهو تي بار وجهڻ کانسو??ءِ اوڳاڙين ۾ اضافي جي ل??ءِ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن کي مضبوط ڪري 18 هين ترميم جون سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا صوبن جي حوالي ڪندو، مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ملڪ جي سمورن وڏن ايئرپورٽس تي سروسز جي بهتري جي ل??ءِ نجي آپريٽرز سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري قرض ۾ ترتيبوار گهٽتائي، پينشن ۽ سبسڊي سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي سڌارن ۽ ??جڪ??ري تي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ ب??ءِ پروگرام جي تڪميل خوش آئنده آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام جي ل??ءِ پڻ ڀرپور محنت ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اقتصادي شعبي جي ترقي جي ل??ءِ عالمي شهريت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون.