اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ??ابينا چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪم??شن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن سميت انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، عورتن جي وقار بابت نيشنل ڪم??شن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي وئي. وفاقي ??ابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ??ابينا جي اجلاس ۾ ناڻي واري ڊويزن پاران پيش ڪيل فسيڪل پاليسي اسٽيٽمينٽ مالي سال 23 – 2022ع، ڊيبٽ پاليسي اسٽيٽمنٽ مالي سال 23 – 2022ع ۽ ايئر اينڊ گورنمينٽ پرفارمنس مانيٽرنگ رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي ??ابينا مٿي ڄاڻايل اسٽيٽمنٽس/ رپورٽ کي مروجه قانونن تحت قومي اسيمبلي آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??ابينا پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي سفارش تي اڳوڻي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي سعودي عرب جي حڪومت ۽ ملائيشيا جي حڪومت پاران علي الترتيب ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل بيج آف آنر آف ايڪسلنٽ ڪلاس“ ۽ ”درجه جي پهلونان انگاٽن تي??تره“ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ??ابينا انساني حقن واري ڊويزن جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين بابت نيشنل ڪم??شن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??ابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪم??شن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن جيڪي انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسون آهن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ادارن جا اهي سمورا ملازم جيڪي سول سرونٽس آهن انهن کي پاڪستان جي سرپلس پول ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ڪم??شن آن رائيٽس آف چائلڊ ايڪٽ 2017ع تحت نيشنل ڪم??شن آن دي رائيٽس آف چائلڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي جنهن جي موجودگي ۾ اهي ادارا غيرضروري ٿي چڪا آهن ڇو ته انهن ادارن بابت سمورو ڪم ان ڪم??شن جي حوالي ڪيو ويو آهي. حڪومت جي ڪفايت شعاري جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي انهن ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.