اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سائبر سيڪيورٽي ۾ م??نو??ي ذهانت (اي آءِ) جي مؤثر ڪردار جي اهميت کي نظر ۾ رکندي شعبي ۾ صلاحيتن ۾ اضافو ممڪن آهي. ان ڳالهه جو اظهار پائيدار ت??قيءَ واري پاليسي (ايس ڊي پي آءِ) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ م??نو??ي ذهانت ۽ـ سائبر سيڪيورٽي جي حوايل سان مشڪلاتن ۽ موقعن جي موضوع تي رٿيل سيمينار دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شيزا فاطمه خواجه چيو ته جديد ڊيٽا سان نئين نسل کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي جديد فني تربيت نصاب ذريعي ڏني وڃي، جڏهن ته نصاب تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي. آءِ ٽي ??ي بهتر استعمال سان حڪمراني واري نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. حڪومت عوام ک?? هر ممڪن سهولت ۽ پاڪستان ??ي برق رفتار ت??قيءَ لاءِ عملي قدم کڻندي.