اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ کانسوا??ِ ترقي پسند ۽ جامع معاشرو ممڪن نه آهي. بهبود ايس??سي??يشن آف پاڪستان پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي چيو ته اها هر هڪ جي ذميواري آهي ته هو ڇوڪرين ۽ عورتن کي مناسب تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائي ته جيئن اهي باوقار زندگي گذاري سگهن. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ايس??سي??يشن جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته بهبود ايس??سي??يشن پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين اٽڪل 10 لک عورتن کي مختلف شعبن ۾ هنر ۽ تربيت فراهم ڪري بااختيار بڻايو آه??. ه?? چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت تمام ضروري آهي، ملڪ ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، پاڪستان کي گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ 147 ملڪن مان 142 جي موجوده درجابندي کي بهتر ڪرڻ جي پڻ ضرورت آه??. ه?? چيو ته عورتن جي خواندگي جي شرح ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي خواندگي جي شرح پاڻ ئي بهتر ٿي ويندي. ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي پنهنجي مهم جي حوالي سان ثمينه علوي چيو ته ان بيماريءَ جي جلد تشخيص کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو معائنو تمام اهم آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص قابل علاج آهي. اهڙي طرح هن ذهني صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو ذهني دٻاءُ کان بچڻ ۽ ماڻهن کي صحتمند رکڻ جي لا??ِ تمام ضروري آه??. ه?? واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي معذور ماڻهن جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت جا مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ايس??سي??يشن جي اسٽاف ۾ شيلڊز ورهايون. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ڊاڪٽر نگار جوهر چيو ته بهبود ايس??سي??يشن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بهبود ايس??سي??يشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ ٻڌايو ته ايس??سي??يشن جي پيلٽ فارم تان 100 بسترن جي اسپتال تعمير هيٺ آهي ۽ هڪ سال جي اندر مڪمل ٿي ويندي. بهبود ايس??سي??يشن جي صدر ثمينه علوي کي بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين ص??ت ۽ سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو.