چارسده – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وزيراعظم سندس فرزند ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ وزيراعظم مرحومه جي لاءِ فاتحه پڙهي ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحومه جي خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئ??. ا?? موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اسٽ??ٽ اينڊ فرنٽيئر ريجنز وارو وزير امير مقام ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر اختيار ولي پڻ موجود هئا.