اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? چيو آهي ته پاڪستان عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان منعقد ڪيون آهن، مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي عزم تحت چونڊن جو بندوبست ڪيو ويو، عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تن??يم?? جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش ??هش??گردي کان بچڻ لاءِ هئي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجما?? چيو ته عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تن??يم?? جي بيانن کي ڏ??و آهي، انهن بيانن ۾ ناڪاري لهجي تي حيرانگي ٿي آهي، ڪجهه بيان چونڊ عمل جي پيچيدگي کي نظر ۾ نٿا رکن ۽ نه ئي ڪروڙين پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي آزاداڻي ۽ پراجوش استعمال کي تسليم ڪن ٿا، اهي بيان ناقابل ترديد حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا. ترجما?? چيو ته عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان ٿيون آهن، غير ملڪي اسپانسر ٿيل ??هش??گردي کان سيڪيورٽي کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو ويو. ترجما?? چيو ته ڪجهه بيانن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش نه هئي صرف چونڊن واري ڏ??نهن موبائيل سروس کي بند ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به ??هش??گردي جي واقعي کان بچي سگهجي. چونڊ مشق ان حوالي سان خدشن کي غلط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي واعدي موجب هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ چونڊن جو بندوبست ڪيو آهي. ترجما?? چيو ته اسان پنهنجي دوستن طرفان تعميري تنقيد کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چونڊ عمل جي تڪميل سان ناڪاري بيان نه ته تعميري ۽ نه ئي بامقصد آهن، ترجما?? چيو ته پاڪستان متحرڪ جمهوري سياست لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هر چونڊ ۽ اقتدار جي منتقلي اسان کي هن منزل جي ويجهو ڪندي. ه?? چيو ته اسان اهو ڪم ڪنهن ٻي جي خدشن سبب نه پر پنهنجي عوام جي خواهشن ۽ اسان جي بانين جي ويزن موجب ڪري رهيا آهن.