ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدون ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مذهبي اخلاقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهن ٿيون، مسجدن کي مسلمان معاشري ۾ مرڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم سما??ي مسئلن کان آگاهي جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??عليم جي فروغ ۽ صحت ??ي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مسجدن ۽ مدرسن جي ڪردار ??ابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذ??هب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ا??لاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي تعليمي انفراسٽرڪچر جي ڪري 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي تعمير ۾ تمام گهڻن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مسجدون انهن ٻارن کي تعليم طرف واپس آڻڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومت جي ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شامل ڪري مسجدن کي تعليم ??ي مرڪزن طور ا??تعمال ڪري سگهجي ٿو، وڌيڪ اهو ته مسجدون معاشري ??ي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دنياوي ۽ ديني تعليم فراهم ڪن ٿيون. مذهبي معاملن ۽ بين المذ??هب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير ا??لاس کي ٻڌايو ته مسجدن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندڙ ”پيش امام“ جي ڪردار کي وڌائي مسجدن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پيش امامن جي صلاحيت ۾ اضافو ضروري آهي.