اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد ??اص?? منير بحرين جي دوري دوران بحرين جي بادشاهه، ولي عهد، ڊفينس فو??سز ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊرز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس جي ملٽري ميڊل سان نوازيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد ??اص?? منير بحرين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. هن بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن حمد الخليفه، بحرين ڊفينس فو??سز جي ڪمانڊر فيلڊ مارشل خليفه بن احمد الخليفه ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف بحرين نيشنل گارڊ جي 27 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي واري تربيتي مش?? جو به مشاهدو ڪيو. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ بحرين نيشنل گارڊ کي ملٽري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ اعليٰ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو. بحرين جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس ملٽري ميڊيل سان نوازيو.