اسلام ??باد – 01 ??? ج??وري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع جو معاهدو ٻين ڳالهين سان گ?? اهو فراهم ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان معاهدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو معاهدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. معاهدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست باضابطا طور سومر ڏينهن پرڏيهي و??ار?? ۾ اسلام ??باد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گ?? ئي ڀارتي پرڏيهي و??ار?? ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.