اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پا??ستان جي هاءِ ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي هندو ياترين کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪيا آ??ن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پا??ستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي تقريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پا??ستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن بابت پا?? ڀارت پروٽوڪول تحت پا??ستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياترين کي پا??ستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿ??. ه?? چيو ته زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ پا??ستان جي مذهبي جاين جي دورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پا??ستان ايندڙ ڀارتي زائرين کي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.