برسلز – 29 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني بيل??يئ?? جي گادي واري شهر برسلز ۾ پا??ستان بيل??يئ?? پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. بيل??يئ?? ۾ پا??ستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يورپي پارليامينٽ ميمبرن راسا جڪنيوسين، فوبيا ماسيمو ڪاسٽالڊو، آنگاهاگا، برن هارڊ زيمنيوڪ، ٿامس زيچو وسڪي ۽ هروجاون شريڪ هئا. ان موقعي تي نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني چيو ته پا??ستان يورپي يونين سان ٻطرفي گهڻي رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن يورپي پارليامينٽ ميمبرن کي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پا??ستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. نگ??ان پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت پاران معصوم ڪشميرين تي جاري ظلمن جو سلسلو بند ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اظهار جي آزادي جي پابندين ۽ ??نس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي برادري ۽ ??نس??ني حقن جي عالمي تنظيمن سان تعاون جي گهرجائو آهيون، پا??ستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب معصوم ڪشميرين کي انهن جو جائز حق خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي معاونت جاري رکندو. نگ??ان پرڏيهي وزير پا??ستان بيل??يئ?? پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فورغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي يورپي يونين، بيل??يئ?? ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پا??ستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ نگ??ان پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.