اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جو مين لا??ين ون (ايم ايل ون) منصوبو سي پيڪ جو اهم حصو آهي ۽ حڪومت ان جي ترجيحي بنيادن تي تڪميل يقيني بڻائيندي، منصوبي جي تعمير دوران ماحولياتي اثرن جو خاص طور تي خيال رکيو وڃي، پاڪستان ۾ ريلوي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع سگهه موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مين لا??ين ون (ايم ايل ون) منصوبي تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، سميع سعيد، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي صلاحڪار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مين لا??ين ون م??صوبي جي پڄاڻي جي مختلف مرحلن ۽ تعميري هدفن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي حوالي سان م??صوبابندي حتمي مرحلن ۾ آهي. جڏهن ته ايندڙ سال جي شروع ۾ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبو ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ ڪراچي کان م??تان 930 ڪلوميٽر ريلوي لا??ين وڇائي ويندي، ان حصي ۾ 2022ع دوران ٻوڏ جي ور چڙهيل ريلوي انفراسٽرڪچر کي به عالمي معيار موجب جدت ڏني ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ملتان کان پشاور 796 ڪلوميٽر جو حصو هوندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبي کي ان طرز سان ٺاهيو پي?? وڃي ته مستقبل ۾ ريلوي کي ضرورت موجب وڌيڪ جدت به ڏني وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي جي هدفن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن تي ٺوس منصوبابندي ڪري جلد پيش ڪئي وڃي ته جيئن ايم ايل ون م??صوبي جي ثمرن مان مڪمل فائدو کنيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مين لا??ين ون م??صوبي جي شروعات ۽ ريلوي جا س??ارا نگران حڪومت جي اولين ترجيح آهي. مين لا??ين ون م??صوبو پاڪستان ۾ مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي. مين لا??ين ون م??صوبو قومي نوعيت جو اهڙو منصوبو آهي جيڪو ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ انقلاب آڻيندو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارا آڻي ان جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو وڃي. مين لا??ين ون م??صوبي جي هدف جي مقرر ڪيل وقت ۾ پڄاڻي يقيني بڻائي وڃي. منصوبي جي تعمير ۾ شفافيت جو خاص خيال رکيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان م??ڪ ۾ نوان روزگار جا موقعا ۽ سامان جي پهچ جي لاڳت انتهائي گهٽ ٿيندي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سفري لاڳت ۽ گهربل وقت ۾ گهٽتائي ٿيندي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي بندرگاهن جا نه رڳو ملڪ جي معاشي مرڪزن سان م??اصلاتي رابطا بهتر ٿيندا پر سي پيڪ تحت خطي جي ٻين م??ڪن جي لا??ِ ٽرانزٽ روٽ جو مقصد ??ه پورو ٿيندو.