برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگيرن جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان جاري عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ??المي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ جاري ترقياتي ??عاو?? سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفن لاڳاپن کي ??صو???? اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يورپ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آم??ه بلوچ پڻ ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.