بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت معاشي تر??ي جي لاءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو لونگ س??ن ڳالهائيندي ڪيو، جنهن بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ساڻس وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم وفد کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت ٻڌايو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي تر??ي جي لاءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ۽ نجي شعبي کي اقتصادي تر??ي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ فانگ يو لونگ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايسٽ سي گروپ گوادر فري زون ۾ ريفائنري ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ ??هر?? دلچسپي رکن ٿيون. نگران وزيراعظم ايسٽ سي گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ گوادر کي پاڪستان جي معاشي تر??ي ۽ سي پيڪ جو اهم حصو قرار ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن ۽ چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.