اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ آگاهي جي لاءِ حڪومت ۽ معاشري ۾ تعاون لازمي آهي، گم ٿيل ٻارن بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا جي لاءِ زارا هيلپ لائين ”1099“ جي حوالي سان آگاهي ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع (زارا) لاڳو ڪرڻ بابت ا??وان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي اغوا ٿيل ۽ گم ٿيل ٻارن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سول سوسائٽي، اين جي اوز، قومي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏيندي چي?? ته زينب الرٽ ايڪٽ بابت مقامي سطح تي آگاهي پ??دا ڪرڻي پ??ندي. صدر چي?? ته گم ٿيل ٻارن بابت شڪايتن ۽ ايف آءِ آر جي وقت سر داخلا يقيني بڻائڻ پوليس عملدارن جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چي?? ته سڄي ملڪ ۾ زينب الرٽ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چي?? ته گم ٿيل ٻارن جي شڪايتن تي مقامي پ??ليس جي ريسپانس ٽائيم کي بهتر بڻائڻ گهرجي، مقامي پ??ليس گم ٿيل ٻارن جي ڳولا جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري. هن چي?? ته ڪنهن ٻار جي گمشدگي کانپوءِ جا شروعاتي 24 ڪلاڪ ڳولا ۾ انتهائي اهم هوندا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته متاثر ٻارن ۽ انهن جي خاندانن کي نفسياتي ۽ سماجي مشاورت فراهم ڪرڻ جي معاملي تي پڻ تعاون گهربل آهي. هن چي?? ته گم ٿيل ٻارن جي حفاظت ۽ ڳولا جي لاءِ سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ادارا گڏيل تعاون کي فروغ ڏين. هن چي?? ته زارا ايڪٽ جي صوبائي ۽ ضلعي سطح تي لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ خامين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر هدايت ڪئي ته ان حوالي سان سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز سان مشاورت کانپوءِ بهتري جي لاءِ سڌاراجاتي قدم کنيا وڃن، مناسب وسيلا ۽ ماڻهن ۾ بيداري پ??دا ڪري زارا جي ڪوريج کي پ??ري ملڪ تائين وڌايو وڃي. هن چي?? ته هيلپ لائين 1099، وزيراعظم سٽيزن پورٽل ۽ زارا ايپ تي گم ٿيل ٻارن بابت ا??رٽس ۽ شڪايتن جي بهتر انتظام کي يقيني بڻايو وڃي، گم ٿيل ٻارن جي معاملن تي شڪايت ڪندڙن کي 24 ڪلاڪ/7 ڏينهن سروس جي فراهمي ضروري آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري الهه ڏنو خواجه، ڊائريڪٽر زارا، ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.