اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪي مسئلن تي گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو، جيڪي قومون تاريخ کان نه سکي سگهيون اهي نقصان کڻنديون آهن. هو ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر ف??روق ع??دل جي ڪتاب ”اسان جيڪو وساري ڇڏيو: پاڪستان جي تار??خ جا وڃائجي ويل پنا“ جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جي صدارت سينيٽر عرفان صديقي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪتاب جي مهورتي تقريب تي ڊاڪٽر ف??روق ع??دل کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڊاڪٽر ف??روق ع??دل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪي تار??خ جي رخن تي روشني وڌي آهي، هن ڪتاب جي اندر اسان جي گورننس، جمهوريت جي ارتقاءَ، رياست جي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي سميت ڪيترن ئي مسئلن جو ذڪر آهي. هن چيو ته اسان کي تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ذميواراڻي صحافت جو تعين انتهائي ضروري آهي. ڊاڪٽر ف??روق ع??دل پنهنجي ڪتاب جي ذريعي هڪ اهڙو حسين ۽ خوشگوار لمحو فراهم ڪيو آهي، ??تي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو هڪ جڳهه تي ويهي تار??خ جي باري ۾ ڳالهائي سگهن ٿا. اسان کي اهڙي قسم جي ڪلچر جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي ڪلچر اسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته ڊاڪٽر ف??روق ع??دل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪ جي بنيادي مسئلن جو ذڪر ڪيو. اسان کي انهن مسئلن تي کلي دل سان ويهي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي رياستي، نشرياتي اداري ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تقريب کي ڊاڪٽر افتخار عارف، عبدالباسط مجاهد، محبوب ظفر، ڊاڪٽر ف??روق ع??دل، خورشيد نديم سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.