اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وار?? وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي پيل علائقا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته معدنيات جي ترقي جي ثمرن سان مقامي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پاليسن جي تسلس کي جاري رکيو، 2035ع تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ??س آمدني چار هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن جن سان م??ڪ جي م??اش?? ترقي سان گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، اسان کي پنهنجي محنت سان ترقي ڪرڻي آ??ي، ترقي جي ان عمل ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين کوٽڻ واري شعبي ۾ ڪيترائي موقعا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي شروع ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اهو درست وقت آهي.