اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جي ڏهاڙ?? تي سندس پوٽي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ پاڪستان ??و پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر شهيد جي پوٽي راجا عديل سرور سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيد جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ ملڪ جي دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيد جي خاندان کي به بهادر فرزند قوم جي لاءِ پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو ۽ شهيد جي بهادري، فرض س??ن محبت ۽ وطن جي جان ڏيڻ جي جذبي کي ساراهيو. صدر قوم ۽ پنهنجي پاران شهيد جي خاندان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته قوم جا شهيد قوم جا محسن آهن، قوم سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ??ن موقع?? تي صدر شهيد جي لاءِ بلند درجن ۽ مغفرت جي دعا ڪئي.