اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي ??فاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي رهائشگاهه تي ويو ۽ س??دس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي مرحوم پٽ جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ناڻي ??ارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه س??د رفيق، اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ هئا.