اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ اياز شوڪت جي بطور ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد مقرري ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر جهانگير خان جدون جي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي عهدي تان 14 جولاءِ کان نافذ العمل استعيفيٰ پڻ ??نظور ڪري ورتي آهي. صدر مقرري ۽ استعيفيٰ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل (سروس جون شرطون ۽ ضابطا) آرڊر 2015?? جي آرٽيڪل 2، 3 ۽ 6 تحت ڏني.