پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 9 مئي سانحي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي ساڙيل عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي منصوبو شروع ڪرڻ سميت ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ سئنيما ٺاهڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ ساڻس گ?? هو. ريڊيو پاڪستان اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن، ريڊيو ۽ اي پي پي جي ملازمن ??طلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي 9 مئي تي ساڙ??ل ريڊيو پاڪستان ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان پشاور بيورو جي عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ريديو پاڪستان جي اندر سئنيما ٺاهڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن کي علائقائي ثاف?? ۽ ??رثي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ ڪو سانحو اهڙي قسم جي تاريخي آرڪائيوز کي نقصان نه پهچائي سگهي.