اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ??ي ويو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ??تا??ي عملدارن سان ذاتي طور ۽ ورچوئل ميٽنگ ڪئي ته جيئن آءِ ايم ايف طرفان اسٽي??ڊ باءِ ارينجمينٽ تحت پاڪ??تا?? لاءِ هڪ نئين مالياتي انگيجمينٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. مشن جي پڄاڻيءَ تي پورٽل پڌرائي جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪ??تا??ي عملدارن سان اسٽاف سطح تي 2250 ملين ايس ڊي آر (تقريبن 3 بلين ڊالر يا 111 سيڪڙو آءِ ايم ايف ڪوٽا) جي رقم ۾ 9 مهينن جي اسٽي??ڊ باءِ ارينجمينٽ تي معاهدو ??ي ويو آهي. نئين ايس بي اي پاڪ??تا?? جي 2019ع اي ايف ايف سپورٽ يافته پروگرام تحت عملدارن جي ڪوششن تي ٻَڌل آهي جيڪو جون جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هي معاهدو آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط آهي جنهن سان توقع آهي ته جولاءِ جي وچ تائين ان درخواست تي غور ڪيو ويندو. آگسٽ 2022ع ۾ 2019ع جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت گڏيل ستين ۽ اٺين جائزن جي تڪميل کانپوءِ معيشت کي ڪيترن ئي پرڏيهي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. جن ۾ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن ۾ لکيل پاڪ??تا??ي ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ جي نتيجي ۾ بين الاقوامي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ شامل آهي. ان مشڪلاتن سان گڏوگڏ ڪجهه پاليسيون غلطيون مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽن سبب معاشي ترقي رڪجي وئي ۽ ضروري شين سميت مهانگائي تمام گهڻي آهي. پڌرائيءَ مطابق نئين اسٽي??ڊ باءِ ارينجمين?? معاهدو هاڻوڪي پرڏيهي مشڪلاتن سان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رُخي ٻه طرفن شراڪتدارن سان فنانسنگ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ عملدارن جي فوري ڪوششن جي حمايت ڪندو. نئون ايس بي اي معاهدو پاڪ??تا??ي عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ملڪي آمدنيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ محتاط خرچن تي عملدرآمد ذريعي سماجي ۽ ترقياتي خرچن جي لاءِ به جڳهه پيدا ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته پاڪ??تا?? جي موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ مستحڪم پاليسيءَ تي عملدرآمد مُک حيثيت رکي ٿو. مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي جذب ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ جو تعين ٿيل مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۽ سڌارن تي وڌيڪ اڳڀرائي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾، موسمياتي لچڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته معاهدو پاڪ??تا?? جي پرڏيهي ادائگين جي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو ?? معاهدي سان سماجي شعبي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي، جڏهن ته معاهدو پاڪ??تا?? ۾ ٽيڪسز جي آمدني وڌائيندو ۽ ٽيڪسز جي آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقيءَ لاءِ فنڊ پڻ وڌي سگهندا. معاهدو پاڪ??تا?? ۾ مالياتي نظم و ضبط جو سبب بڻ??ند?? ?? معاهدي سان توانائي جي سڌارن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي حساب سان مقرر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪ??تا?? سان 9 مهينن جو اسٽي??ڊ باءِ جو معاهدو طئي ??ي ويو آهي. معاهدي سان پاڪ??تا?? کي پرڏيهي ملڪن ۽ مالياتي ادارن مان فنانسنگ دستياب ٿي سگهندا.