مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙ?? جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا ساما?? جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجي?? جي ڪنهن به امڪاني مسئل?? جي ڪڙي نگراني ۽ انه?? جي حل لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجي?? جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. انهن سهولت?? جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.