اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سر??ار?? ملازمن کي 23 جون تائين ??ن مهيني جي پگهار ڏ???? لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي منصوبن جا فنڊز نان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ وجه?? لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ۽ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ بابت ايف بي آر جي واپاري ۽ فني ڪميٽين جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وئي آهي جنهن جا تفصيل هن ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سندس ڪيترين ئي وزارتن ۽ کاتن عيدالاضحيٰ کان اڳ سر??ار?? ملازمن کي پگهار جي ادائيگي لاءِ رابطوڪيو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته سمورن سر??ار?? ملازمن کي 23 جون جمعي تائين ??ن مهيني جي پگهار ادا ڪئي وڃي ته جيئن ملازم عيد جي حوالي سان پنهنجون ضرو??تو?? پوريون ڪري سگهن. هن چيو ته ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جون ٽيمون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي کانسواءِ ڪميٽين ۾ به موجود آهن جيڪي ميمبرن طرفان بجيٽ تي بحث جو هڪ هڪ نقطو نوٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ عمل جوڳين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير به موجود رهندي آهي، هن چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي منصوبن جا فنڊز نان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪر?? لاءِ هو قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪندا ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان هڪ قانون موجود آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو به آهي، ان کان اڳ عبدالاڪبر چترالي، غوث بخش مهر ۽ انجنيئر صابر حسين ??ائم خاني اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي فنڊز 30 جون تي ليپس ٿي رهيا آهن، انهن فنڊن کي نان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي، انهن ميمبرن بجيٽ تي بحث دوران ناڻي واري وزير جي ٽيم جي موجودگي جو به مطالبو ڪيو.