اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دو??ان ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پي??شن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 س??ڪڙو جو رليف ڏنو پي?? وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پي??شن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پي??شن کي 12 هزار رو??يا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏهاڙي 25 هزار رو??ين کان وڌائي 32 هزار رو??يا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.