اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ سان ??اڻ??ن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري، عمران خان پنهنجي ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو. ??ها ڳالهه هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان صو??ائي اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ کان انڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳائي وئي جنهن تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آئل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. عمران خان 19 سالن کان ??اڻ??ن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ذهن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب عمران خان کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مجروح اناءَ جي تسڪين جي لاءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ پنهنجي ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان انهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺي جن جي دل هن زخمي ڪي?? آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي حق?? جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.